Wednesday, 14 May 2014

الک نرنجن ماني جو وقفو.... لياقت ٿهيم

”سائين ڇا پيا لکو؟“ مون، ڪمپيوٽر آڏو ويٺل سائين ڀليڏني شاھ جي ڪلهي تي هٿ رکي پڇيو:
”يار، ڦاروَن جي شربت ٺاهڻ جو هڪ نسخو هن ويب سائيٽ تي لکيل آهي سو اتاري رهيو آهيان. مان پاڻ به صندل جو شربت ٺاهي ويندو آهيان. اسان جي امان پڻ شربت ٺاهيندي هئي، ماڻهن کي چوندي هئي ته مون کي پسارڪو وکر آڻي ڏيو ته توهان کي شربت ٺاهي ڏيان. انهي جو ڪوبه اجورو نه وٺندي هئي. تعويذ لکندي هئي، جن جو ٿورو گھڻو معاوضو ماڻهو کيس ڏئي ويندا هئا. امان، شربت جو هڪ اهڙو قسم به ٺاهيندي هئي جنهن ۾ ويھ وکر وڌا ويندا آهن. شربت جا اهڙا ڏھ پندرهن شيشا ٺاهي رکي ڇڏيندي هئي ۽ ڳوٺ جي ماڻهن ۽ بابا جي دوستن احبابن جي گھر سوکڙي ڪري موڪليندي رهندي هئي. منهنجو بابا، ڳوٺ جو حاذق حڪيم هو پر طب سندس ذريعه معاش نه هو ڇاڪاڻ ته ڳوٺاڻي سماج ۾ ممڪن ناهي ته توهان هر انهي ماڻهو کان دوا جا پئسا وصول ڪريو جن سان توهان جو روزاني جو اٿڻ ويهڻ هجي. غريب سادات آهيون پر اڃان تائين، الله جو شڪر آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ غربت، باعث ندامت معاشرتي حيثيت نه سمجھي ويندي آهي.“
سائين ڀليڏنو، خيرپور ناٿن شاھ جي ڀر ۾ هڪ ڳوٺ، کاٽ جو رهاڪو، هڪ مانائتو استاد ۽ اڄوڪي هن ورڪشاپ ۾ اسان جو گروپ ليڊر آهي. هڪ آمريڪن فرم جي بندوبست سان منعقد ڪيل هي سيشن  انهي پروجيڪٽ جو نقطه آغاز آهي جنهن تحت، سنڌ جي ستن اترادي ضلعن ۾ هڪ سئو ويھ، اسٽيٽ آف دي آرٽ اسڪول تعمير ڪرڻا آهن. اسٽيٽ آف دي آرٽ جو مطلب آهي اڄوڪي عهد ۾، اسڪولن جي فن تعمير، استادن، نصاب ۽ تدريس جي ميدان ۾ يورپ ۽ آمريڪا وٽ ترقي جي جيڪا بلند ترين سطح موجود آهي، اهي اسڪول انهي سطح جا هوندا. سندن دعويٰ موجب، انهن اسڪولن جو معيار، اسلام آباد، واشنگٽن، سڊني يا برلن جي برک اسڪولن جهڙو هوندو.
 ورڪشاپ جو هنڌ، ڄامشوري ۾ واقع هي سرڪاري ادارو، سنڌي ٻولي ۾ تدريسي ڪتاب تشڪيل ڏيڻ لاءِ ذميوار آهي ۽ انهي سببان، سنڌ جي شعبه تعليم ۾ ڪليدي اهميت رکي ٿو. هي هڪ ڪشادي، ڪامپليڪس نما عاليشان آفيس آهي، پر جيئن سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ مروج ڪلچر بڻجي ويو آهي، ڪٿي به توهانکي ورڪ ان پروگريس ٿيندي نظر نه ايندو.
آفيس ۾ ڪمرن پٺيان ڪمرا ٺهيل آهن ۽ هر ڪمري ۾، زماني جا احوال ورجائيندڙ بي ڪما آفيسر، خالي ورانڊن ۾ هيسيل، ڪنڌ هيٺ ڪري هلندڙ پٽيوالا، ڪتابن سان ڀريل لائبريرين جا وڏا وڏا، فرنيچر سان چڱي ريت آراسته ٿيل ۽ ٻهاريل هال، جن ۾ هڪڙو به پڙهندڙ نه. ڪاٽن جي ڪانچ قميص پهريل سنڌي ڊائريڪٽر ۽ سندس معتمد خاص نائبين، انگريزي ۾ گفتگو ڪرڻ جو معيار ڏهين درجي جي سطح جو، آمريڪين سان ملڻ ۽ واسطو وڌائڻ لاءِ آتا. ٽپيڪل سنڌي ڪاموري جيان، مصنوعي نيازمندي جا پيڪر. کين چڱي ريت معلوم آهي ته  ڪهڙي گريڊ کي اهڙي ريت جهڪي ملڻو آهي جو توهان جو ساڄو ڪَن وڃي اڳئين جي پيٽ/ڪُک سان لڳي، ۽ ڪنهن کي وري ٻن آڱرين جي چسي به ڍرائي سان، بي نيازي سان ڏيڻي آهي.
کين علم جي فضيلت ۽ بي بها تجربي جي بنياد تي هي حيثيت ملي ڪانهي سو هو ٻين جي علم جي ڇو پرواھ ڪن؟
عطاءُ الله مينگل چوندو هو ته بلوچن جي هٿ ملائڻ ۾ به هڪ  پيغام ڏنل هوندو آهي. پر اها هام هو پنهنجي پهاڙي ماڻهن لاءِ هڻندو هو. اسان ته پاڪستان جي اهڙي مظلوم قوم آهيون جنهن کي گھر جي راشن کان وٺي مفت پگهار تائين، حڪومت پاڪستان جون سڀئي مرعاتون ”کپن“ جو اسان هن نظام جا باغي آهيون ۽ تنهنڪري پنهنجو سونپيل ڪم (ڊيوٽي) نه ڪندا آهيون، فقط مهاڏو اٽڪائيندا آهيون (ڄڻ ته ماڻهو نه، ڪي سانَهه هجون).
هن قسم جي ورڪشاپن ۾ شريڪ ٿيندڙ خواتين و حضرات، آمريڪي پروجيڪٽن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندي ٿيندي هاڻ سمجهي ويا آهن ته ڇا ڳالهائبو ۽ ڪيئن ڳالهائبو. اها ماجرا، هو الف کان ي تائين، سمجهي ويا آهن. تنهن ڪري اهڙين ورڪشاپن ۾ ڪا علمي گفتگو نه ٿيندي آهي. ڪجھ ته اهڙا هئا جيڪي بيشمار ورڪشاپن ۾ بهرو وٺندي وٺندي، اهي جيد ۽ جليل القدر شرڪت ڪار بڻجي ويا آهن جو جڏهن انهن پنهنجو تعارف ڪرائڻ شروع ڪيو ته ماڻهن کلڻ شروع ڪيو.
مون لاءِ هن تقريب جو سڀ کان دلفريب واقعو، سائين ڀليڏني سان ملاقات آهي.
سائين ڀليڏني پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ رضاڪار تنظيم قائم ڪئي آهي، جيڪا سندس يونين ڪائونسل ۾ غير رسمي تعليم فراهم ڪرڻ وارن غير سرڪاري ادارن ۾ اولين حيثيت رکي ٿي. سندس تنظيم هن وقت انهن ٻارن کي اسڪول آڻي سندن ٻيهر بحالي جي سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي آهي جيڪي سگريٽ ۽ نشي جي ٻين قسمن جا موالي بنجي ويا آهن. هن ڪار خير جو خاص هدف اهي ٻارڙا آهن جيڪي مال چارڻ دوران جھنگ ۾ ماکي لاهڻ  جو ڪم به ڪندا آهن. ماکي لاهڻ لاءِ اهي ٻار ڳوٺ جي مانڊڙي تان سگريٽ خريد ڪندا آهن ته جيئن ماکي کي دونهون هڻي ڀڄائجي. ائين ماکي لاءِ سگريٽ وٺندي وٺندي هي ٻار سگريٽ جا موالي بڻجي ويندا آهن. اها ماکي وري صحافين، سماجي اڳواڻن ۽ مقامي سطح جي سياسي ڪارڪنن لاءِ، خير سگالي جي جذبي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪم اچي. انهن حلقن ۾، خيرپور ناٿن شاھ ۽ فريد آباد جي ماکي جي وڏي هاڪ ۽ طلب آهي.
گذريل نوڪري ڪرڻ دوران، ڀليڏني شاھ جي، اداري جي اڳواڻ سان چپقلش ٿي پئي جتان پوءِ استعيفيٰ ڏنائين. سندس خوشقسمتي جو انهي بعد ستت ئي کيس ماستري ملي وئي. اڄوڪي هن ڪالم ۾، سندس گذريل نوڪري دوران، پيشيوراڻي زندگي جي ڪجھ مکيه تجربن جو مختصر تذڪرو گوش گذار رکان ٿو. ساڻس هي گفتگو ماني جي وقفي دوران ٿي:
”سر، هي نوڪري مونکي لاهور جي هڪ اهڙي غير سرڪاري اداري ۾ ملي، جنهن کي اڪثر بيشتر ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو ڪم ملندو رهندو آهي. سوشل آرگنائزر ۽ فيلڊ عملي جا ڪجھ ٻيا ماڻهو انهي اداري کي گھربل هئا، مونکي شارٽ لسٽ ڪيائون. نما شام مهل مون کي فون آئي، چيائون ته صبح جو حيدرآباد ۾، قاسم آباد ڀرسان هڪ غير سرڪاري اداري جي دفتر ۾ تنهنجو انٽرويو آهي.“
”مان ٻئي ڏينهن سج اڀرڻ کان اڳ، پهرين گاڏي ۾ ڳوٺان نڪتس ته جيئن وقت تي اتي پهچان. جڏهن انهي اداري جي آفيس پهتس ته ڏسان ته آفيس کي تالو لڳو پيو آهي. در تي ٻيا به پنج ڇھ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بيٺا هئا. اهي به ٻهراڙي جي مختلف شهرن مان آيا هئا. مان انهي همراھ کي فون ڪئي جنهن انٽرويو لاءِ گھرايو هو. هو شخص چوڻ لڳو ته انٽرويو ڪرڻ لاءِ اسان جي ٽيم جا ميمبر ڪراچي کان اچي رهيا آهن سو اتي انتظار ڪريو. ڪو سوا ڪلاڪ بعد اهي پهتا. آفيس کوليائون ۽ اسان کان لکت ۾ امتحان ورتائون. جيڪي پاس ٿيا انهن کي ترسڻ جو چئي باقي ٻين کي روانو ڪيائون. ڪنهن کي به ڪو سفري خرچ نه ڏنائون نه وري ماني ٽڪي جو پڇيائون.“
”زباني امتحان جو مرحلو اڃان به وڌيڪ دلچسپ ۽ عجيب هو؛ انهي آفيس ۾ ڪي چار ڪمرا هئا جن ۾ ميز ڪرسيون به پيل هيون پر اسان کي وري اندر اهڙي ڪمري ۾ وٺي ويا جتي سمهڻ جو پلنگ رکيل هو. انهي پلنگ تي اداري جو مايه ناز ڪنسلٽنٽ صاحب، پير ڊگھيريو، ٽيڪ ڏيو، ڪاغذ قلم آڏو رکيو ويٺو هو. سندس ڀرسان ڪو اسسٽنٽ ويٺو هو. اسان کي قطار ۾ بيهاريائون ۽ هڪڙي هڪڙي کي سڏ ڪري، آڏو ويهاري سوال پڇڻ لڳا. اسان کان سوال پڇي وري هڪٻئي سان ويٺا ڳالهائين. ڳالهيون به اهي ته لنچ ۾ مينيو ڪهڙو هئڻ گھرجي، فيس بوڪ تي لائيڪس (Likes)، SMSموبائيل تي شارٽ ٽيڪسٽ مئسيج ٿيل لطيفو. مون کان پڇيائين ته فلاڻي هنڌان نوڪري تان استعيفيٰ ڇو ڏنئي. چيو مانس، سائين جيري ۾ پٿري هئي، آپريشن ڪرائڻو هو. موڪل لاءِ گھڻوئي چيم پر اسانجي اداري جي ايڇ آر آفيسر چيو ته موڪل نه ملندئي، ڀلي استعيفيٰ ڏئي وڃ. سو استعيفيٰ ڏئي آپريشن ڪرايم. جان بچايم پر نوڪري نه بچائي سگھيس.“
انٽرويو بعد مونکي انهي اداري ۾ نوڪري ملي وئي.
”ڪجھ ڏينهن کانپوءِ، اسان جو مئنيجر هڪ اهڙو همراھ ٿي آيو جيڪو پهرين ڪراچي جي سپر مارڪيٽ ’دا فورم‘ ۾ رلين، سنڌي ٽوپين ۽ ڀرت جي ٻئي سامان جو دڪان هلائيندو هو. انتهائي گاريال قسم جو هي نوجوان، ٺٽي جي هڪ نامور قومي انقلابي خاندان مان هو. انهي خاندان ۾ رواج آهي ته جيڪڏهن ڇوڪري شادي ڪندي آهي ته انهي خاندان جو انقلابي اڳواڻ، آئنده جي گھوٽ جو پهرين انٽرويو ڪندو آهي. سو هن ڀائي جي شادي به انٽرويو بعد ٿي. هي مُني ارب روپين جو پروجيڪٽ هو جنهن کي انهي همراھ ٽوپين جي دڪان وانگر هلايو.“
”ان کانسواءِ، شايد سندس سياسي تربيت اهڙي هئي، هي شخص ٻين کي تابع رکڻ جو عادي هو. سندس فرمان بعد، انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ سافٽ ويئر لڳايو ويو جنهن ذريعي انهن سمورين ويب سائيٽن جو ڊيٽا  وٽس ويندو هو جيڪي اسان کوليندا هئاسين ته جيئن هو اهو ڏسي سگھي ته اسان ڪٿي ڪٿي نوڪري لاءِ درخواست ڏني، ڪهڙي هنڌ اسڪالرشپ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ويندي، اسان جي ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊرائيو جو ڊيٽا به هٿ ڪري پاڻ وٽ رکندو هو.“
”فيلڊ مان ڊيٽا گڏ ڪرڻ انهي اداري جو پسنديده ڪم هو، جو انهي لاءِ توهان کي سستي مان سستو عملو ملي ويندو. هن آفيس ۾ سمورو ڏينهن انواع و اقسام جا مرد ۽ عورتون ايندا رهندا هئا ۽ سندن مدعا عليھ هڪڙو ئي هوندو هو ته کانئن ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو ڪم ته  ورتو ويو آهي پر انهي جو معاوضو کين ناهي مليو. منهنجي سامهون، اهي ماڻهو، ٽن مهينن تائين ايندا رهيا پر ڪير به سندن ٻڌڻ وارو ڪو نه هوندو هو.“
”ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ اسان کي ٽي هزار في ڏينهن في ماڻهو جي حساب سان ڏيڻا هئا، اسان ساڍا ٽي سئو روپيا ڏنا. لاهور واري اسانجي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مائي ته چيو پئي ته سنڌ ۾ بيروزگاري گھڻي آهي، ماڻهو اڃا به سستا ملي ويندا سو ساڍن ٽن سون کان به گھٽ ڏيو. ٻئي طرف، انهي ڊيٽا جي بنياد تي تشڪيل ڏنل اسان جي رپورٽ جي ملڪ گير پذيرائي ٿي. انهي رپورٽ جي آڌار تي اداري کي ايڏو ته وڏو پروجيڪٽ مليو جو ايندڙ ڪيئي ورهين تائين کين ٻي ڪنهن فنڊنگ جي ڪا ضرورت ڪانهي رهي.“
”ٽي سال اڳ، ٻوڏ کانپوءِ انهي اداري کي، يو اين هيبيٽاٽ پاران گھرن تعمير ڪرڻ جو وڏو ڪم مليو. انهي ڪم جو نگران، ڊڪِيلا نالي هڪ فلپائني هو. ڊڪيلا جڏهن به سنڌ ايندو هو ته اسان جي آفيس ضرور ايندو هو. يو اين هيبيٽاٽ اهڙا گھر ٺهرايا جن ۾ فقط چوديواري هئي اندر ڪجھ به ڪونه هو، سو سنڌ حڪومت اعتراض ڪيو ته ڳوٺن ۾ ڪي به گھر ٺاهي ڪونه ڏنا ويا آهن، انهي جو حساب ڏيو. پر پوءِ تفتيشي عمل دوران، سنڌ حڪومت جڏهن غير سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ڏٺي تڏهن سندن حڪومتي فهم ۽ فراست ۽ علم ۾ اضافو ٿيو ۽ کين معلوم ٿيو ته ڪم درحقيقت ڪبو ئي ائين آهي، سو سرڪاري آفيسرن پوءِ پنهنجا غير سرڪاري ادارا ٺاهڻ شروع ڪيا. سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪيترن ئي ڪامورن جا هاڻ پنهنجا ذاتي، غير سرڪاري ادارا آهن. ۽ جيڪي  ڪامورا غير سرڪاري ادارا ٺاهي نٿا سگھن انهن وري عالمي ايڊ جي ادارن ۾ نوڪريون ورتيون آهن، نه صرف پاڻ لاءِ پر پنهنجن پٽن پوٽن، ڌيئن ۽ زالن لاءِ پڻ.“
”ڊڪيلا، ٿائي لينڊ مان درآمد ڪيل ساوا نانگ شوق سان کائيندو هو. اهي نانگ هو آغا سپر مارڪيٽ تان خريد ڪندو هو. چوندو هو ته اسلام آباد ۾ تازا نٿا ملن، تنهنڪري ڪراچي مان ساون نانگن جا ٽيِن وٺي ويندو هو.“
”هڪڙي ڏينهن آفيس ۾ اسانجي گڏجاڻي ٿي. اسانجو ڊائريڪٽر جهلم جو هڪ همراھ هو، رنگ جو گورو،  مهانگو لباس پائيندڙ، هلڪي ڏاڙهي ۽ وار وڏا، وارن ۾ پويان ونگوڙو ورتل ۽ چوٽي ڪيل. سمورو ڏينهن چومسڪي ۽ پائلو فراري جي واکاڻ. هي پنجابي ڀاءُ هن وقت به سنڌ ۾ تعليم جي وڏن پروجيڪٽن جو نگران آهي. پورا ٽي ڏينهن اسان کي اهو ورد ڪرائيندو رهيو ته موجوده تعليم، انگريز سامراج جو ورثو ۽ سنڌي سماج لاءِ سخت هاڃيڪار آهي.“
”پوءِ هڪڙي ڳالھ ٿي، جنهن بعد منهنجي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو.“
”ميٽنگ دوران هي شخص چوڻ لڳو ته عالمي اداره صحت موجب سنڌ ۾ تعليم، صحت ۽ صفائي جي ڪمن جو اهڙو ته نتيجو نڪتو آهي جو سنڌي عورتون هاڻ ڪنٽراسيپٽو جو استعمال به سکي ويون آهن.” هن گڏجاڻي ۾ سواءِ انهي جهلم واري لبرل انقلابي ڊائريڪٽر جي، ٻيا اسان سڀ سنڌي ويٺا هئاسين. مون سڀني ڏانهن ڏٺو. سندن ڪنڌ هيٺ جهڪيل هئا. انهي ڪري نه ته هو انهي ريسرچ فائنڊنگ تي شرمنده هئا پر انهي ڪري ته هو اهڙي غليظ گار جو جواب نٿي ڏئي سگھيا. جواب ته مان به نٿي ڏئي سگھيس، سو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيم.“
ڪجھ عرصو بيروزگار رهڻ بعد، سائين ڀليڏني کي جونيئر اسڪول واري ماستري ملي وئي آهي. انهي سان گڏوگڏ هو کاٽ ۾ پنهنجي رضاڪار تنظيم ۽ پنهنجي مرحوم والد جو پسارڪو دڪان به هلائي. پر اهي سندس ذريعه آمدني ناهن.
liaquatalithaheem@gmail.com

Tuesday, 13 May 2014

رونق ميلو! اشفاق آذر

رونق ميلو!
اشفاق آذر
اڃان ملڪ ۾ حب الوطني ۽ غداريءَ جو بحث هلندڙ هو، اڃان اها ڳالهه طئي ٿيڻي هئي ته ڪهڙو صحافي ديانتداريءَ سان پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي ۽ ڪير ڪنهن جي پي رول تي ڪم رهيو آهي، اڃان هڪڙي پاسي ”فرشتن“ جون ڪارروايون ۽ ٻئي پاسي ”پٽي ڀائين“ جون هڪٻئي مٿان الرون جاري هيون ته وري ڪجهه وڌيڪ ”مجاهد“ ور کهنجي ميدان ۾ لهي رهيا آهن. ٺيڪ انهيءَ وقت جڏهن 2013ع ۾ ٿيل عام چونڊن جي پهرين سالگره ٿي رهي آهي، تڏهن ملڪ جو سياسي منظر نامو ڪجهه ان ريت آهي ته باخبر حلقن ۾ نه رڳو هن حڪومت پر ماڳهين جمهوريت جي ورسيءَ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. انهن خدشن کي بعيد از امڪان ان ڪري  به نٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته پاڻ وٽ صورتحال جنهن تيزيءَ ۽ جنهن غير روايتي نموني سان تبديل ٿيندي آهي، تنهن ۾ ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي پوڻ جا امڪان بهرحال موجود هوندا آهن. هن ڀيري به ايئن ئي ٿي رهيو آهي، جو عمران خان ۽ علامه طاهرالقادريءَ پاران ڌرڻن جي اعلانن کانپوءِ موسمي گرميءَ سان گڏ هڪدم سياسي گرمي پد به وڌي ويو آهي.
گذريل سال ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿيو هو، جو هڪ چونڊيل حڪومت کان ٻي چونڊيل حڪومت تائين جو هنگامه خيز سفر بهرحال بنا ڪنهن ٽرپل ون برگيڊ جي مداخلت جي پورو ٿيو، جنهن بعد سڀني ڌرين چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام ته لڳايا پر بهرحال انهيءَ نظام کي قبول پڻ ڪيو، تحريڪ انصاف خيبر پختونخوا ۾ حڪومت ٺاهي، پيپلز پارٽيءَ سنڌ ۾، نواز ليگ پنجاب ۽ مرڪز ۾، ته بلوچستان ۾ مڙئي گڏائي سڏائي ڪم هلايو ويو. جماعت اسلاميءَ کان ويندي فضل الرحمان، ۽ اي اين پي کان ويندي قاف ليگ تائين جن به جماعتن چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ هارايو، تن به پنهنجن تحفظات هوندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت توڙي جمهوريت جو هلندو رهڻ ئي سڀني جي فائدي ۾ آهي. پر هاڻي هڪ سال گذرڻ کانپوءِ اسين وري انهيءَ موڙ تي پهتا آهيون، جتي قياس آرائين جو هڪ طوفان آهي. هڪڙي پاسي هڪ ميڊيائي گروپ کي عسڪري ادارن جي سامهون آڻي بيهاريو ويو آهي، الزام بازين ۽ ڪيسن کان ويندي ڪردار ڪشيءَ تائين ڇا آهي جيڪو نه ٿي رهيو آهي ۽ اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته جڏهن هن ملڪ ۽ دنيا جي طاقتور خفيه ايجنسيءَ کي پنهنجي حريف طور ٻيو ڪجهه نه مليو ته هڪ ميڊيائي اداري کي ايتري اهميت ڏني وئي، جو ان جي لاءِ اهو تاثر جوڙيو ويو ته جهڙوڪر اهو ادارو ”رياست اندر رياست“ قائم ڪريو ويٺو آهي. ٻئي پاسي وري عمران خان آهي، جنهن جو سياسي ذهن سمجهڻ ڪنهن معرڪي کي سر ڪرڻ برابر آهي. عمران خان جي 16 سال سياست ۾ رهڻ کانپوءِ گذريل سال اهو پهريون ڀيرو هو، جو هن جي جماعت ورهين کان اقتداري سياست ۾ سرگرم رهندڙ ٻن وڏين پارٽين پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي موجودگيءَ ۾ متبادل طور اڀري (ان ۾ ڪنهن ڪنهن جو حصو هو، اهو بهرحال کليل راز آهي!) انهيءَ اوچتي پذيرائي يا شايد ”فرشتن“ جي سگنل کي ڏسندي هو  بطور وزير اعظم پنهنجو ذهن ٺاهي چڪو هو، کيس گمان هو ته هن ڀيري چونڊن ۾ نه رڳو سندس پارٽي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا پر وفاق ۾ به حڪومت ٺاهي وٺندي، ان ڪري خان صاحب سمورو زور به انهن علائقن ۾ لڳايو. کيس نه سنڌ جو الڪو هو، نه سنڌ جي اشوز تي هن ڪا ڳالهه ڪئي، نه ئي کيس ڪا بلوچستان جي ڳڻتي هئي. خان صاحب جي انهيءَ خيال کي هن جي آس پاس رهندڙ هن جي وفادارن ۽ وقتي دوستن به وڌي چڙهي حمايت ڪئي، پر جڏهن نتيجا ڪن سببن جي ڪري خان صاحب جي اميدن جي ابتڙ آيا ته اول ته انهيءَ صدمي مان ئي ٻاهر نڪرڻ لاءِ کيس وقت لڳو پر پوءِ هن جنهن نموني سان ڌانڌلين جي الزامن جو ورجاءُ شروع ڪيو، تنهن ۾ به ڪو ربط ڪونه هو. کيس ڪڏهن ضلعي انتظاميا، ڪڏهن آر او، ڊي آر اوز، ڪڏهن  فوج، ته ڪڏهن وري نگران حڪومتون ڌانڌلين ۾ ملوث نظر اينديون رهيون. پوءِ مٿس اهو به منڪشف ٿيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ به کيس مايوس ڪيو. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڌانڌليون پاڻ وٽ چونڊن جو ”حسن“ رهيون آهن، ان کانسواءِ چونڊن جو ميڪ اپ مڪمل ٿيڻ ناممڪن آهي. گذريل سال به ڌانڌليون ٿيون، ڇاڪاڻ ته پاڻ وٽ ڌانڌلي باقاعده هڪ سائنس توڙي صنعت جو درجو اختيار ڪري چڪي آهي، ان جي شروعات اليڪشني عملي جي مقرري ۽ پڄاڻي لٺ باٺي ۽ گوليءَ سان ٿيندي آهي. سرڪاري خزاني مان پگهارون کڻندڙ همراهه اليڪشني نتيجن ۾ هير ڦير کي جائز ۽ سندن مٿان نگران ويٺل همراهه عين اخلاقي ۽ قانوني قرار ڏيندا آهن. اهو سڀ ڪجهه گذريل سال به چونڊن ۾ ٿيو پر مسئلو وري به اهو ئي آهي ته خدشي کي ثبوت نٿو قرار ڏئي سگهجي. پنجاب جي ڪجهه تڪن کي بنياد بڻائي سموري اليڪشني عمل کي فضول ۽ ناڪاره قرار ڏيڻ منهنجي نظر ۾ هڪ خطرناڪ سياسي طرز عمل آهي، جنهن جا نتيجا به ڀيانڪ ٿي سگهن ٿا. ٻي ڳالهه ته سموري اليڪشني عمل ۾ ڌانڌلين کي فقط پنجاب تائين محدود ڪرڻ به سمجهه کان ٻاهر آهي. ڇا جيڪو ڪجهه ڪراچيءَ سميت پوري سنڌ ۾ ٿيو، اهو انتهائي صاف شفاف هو؟ ڇا خيبر پختونخوا ۾ ڌانڌلين جي امڪانن کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو؟ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته ڌانڌلين واري معاملي کي ڪنهن سليقي ۽ فضيلت سان رکيو وڃي ها ۽ اليڪشني عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ اثرائتو توڙي پرامن بڻائڻ کان ويندي ڪنهن به امڪاني ڌانڌلي کان پاڪ ڪرڻ جي حوالي سان گڏجي ويهي تجويزن ۽ مشاورت کان ڪم ورتو وڃي ها ته جيئن آئنده انهيءَ عمل کان ڪنهن به سياسي جماعت کي ڪا شڪايت نه ٿئي، ان جي ابتڙ اسلام آباد ۾ احتجاج جو اسٽيج ته تيار ڪيو ويو آهي پر ان جا مقصد واضح ناهن ته آخر عمران خان انهيءَ احتجاج مان ڇا ٿو حاصل ڪرڻ چاهي. ان ڪري ئي ملڪ ۾ قياس آرائين ۽ اڳڪٿين توڙي سازشي ٿيوريز جو ماحول گرم ٿيندو پيو وڃي.
اهو ٺيڪ آهي ته هي 90ع وارو ڏهاڪو ناهي، جڏهن سياسي عدم استحڪام توڙي غير يقينيءَ جي صورتحال جو فائدو وٺندي ٽرپل ون برگيڊ سدائين حرڪت ۾ اچي ويندي هئي ۽ پاڻ کي خبر تڏهن پوندي هئي، جڏهن سرڪاري ٽي وي تان ”ميري عزيز هم وطنو!“ جو آواز گونجندو هو. هي 2014ع آهي، جڏهن ميڊيا آزاد، سول سوسائٽي متحرڪ، عدليه فعال ۽ عالمي منظرنامو تبديل ٿي رهيو آهي. ظاهر آهي ته اهڙي صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ لاءِ اهو ڪم ايترو سولو نه رهيو آهي، جو اوچتو ٽرپل ون برگيڊ کي حرڪت ۾ آڻي سموري نظام کي بي حرڪت ڪري ڇڏجي، ان لاءِ پهرين ”سازگار“ ماحول جو هجڻ ضروري هو، جنهن لاءِ پهرين اهو ڪم ڪيو ويو، جهڙو حڪومت طالبان سان ڳالهين وارو ڊرامو رچائي ڪيو ۽ اهڙي ريت بنا ڪجهه وڃائڻ جي طالبان گروپن کي هڪٻئي جي سامهون آڻي بيهاري ڇڏيو. حامد مير تي ٿيل حملي جا سبب ڀل ڪهڙا به هجن پر جيڪي نتيجا سامهون آيا، سي يقينن منصوبه بندي ڪندڙن جي عين منشا موجب ضرور هوندا، جو ميڊيائي ادارا نه رڳو ٻن واضح ڪيمپن ۾ ورهائجي چڪا آهن پر سندن ادارتي توڙي صحافين جي پروفيشنل ساک ڏانهن به آڱريون کڄي رهيون آهن ۽ اها ميڊيا، جنهن هٽايل ججن جي بحاليءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري پنهنجي سگهه جو مظاهرو ڪيو، تنهن کي انتهائي مشڪل ۽ ڪمزور صورتحال جي ور چاڙهيو ويو آهي. ميڊيا واري معاملي سان گڏ هاڻ وري ان ۾ سهڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ جيڪي ڌريون سامهون آيون، تن مان عمران خان به اٿندي ئي انهيءَ ميڊيا گروپ سان هٿ ڳنڍيا، جنهن جو هو ڪڏهن لاڏلو ليکيو ويندو هو ۽ سندن ياراڻو ايترو هو جو ٻئي گڏجي فلاحي ڪم به ڪندا هئا. رهي ڳالهه علامه طاهر القادريءَ جي ته، ان تي ڇا ڳالهائجي، ان کي رهڻ ئي ڏيو! سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اصل معاملو سول- ملٽري لاڳاپن جي خرابي جو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهن لاڳاپن جي خرابيءَ جو سبب مشرف ڪيس سميت اها پرڏيهي پاليسي ئي آهي، جيڪا تاريخي طور تي سول- ملٽري لاڳاپن جو بنياد رهندي آئي آهي. عسڪري حلقن جي خواهش هئي ته ميان صاحب پاڪستان ۾ موجود افغان پناهگيرن کي افغان چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏئي ته جيئن اهي نتيجن تي اثر انداز ٿي سگهن پر ايئن نه ٿي سگهيو. ڀارت سان لاڳاپا بهتريءَ تي آڻڻ لاءِ پورو پلان تيار ٿيل آهي، جنهن تي مودي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ عمل ڪيو ويندو.  سو ان صورتحال ۾ ڪن حلقن جو خيال آهي ته حڪومت خلاف جيڪو سياسي اڀار پيدا ٿي رهيو آهي، تنهن جو مقصد اهو آهي ته مٿس دٻاءُ وجهي پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪرايا وڃن. ڪي وري انهيءَ راءِ جا آهن ته ٽئين قوت جي اچڻ جو اشارو فقط هڪ فرضي داستان آهي، جيڪو دوستن ماحول کي گرم رکڻ لاءِ گهڙيو آهي، ڇاڪاڻ ته شهيدن جي ڏهاڙي تي آرمي چيف جي ڪيل تقرير جمهوري نظام جي حمايت جي حوالي سان ڪافي واضح هئي. انهيءَ سڄي پس منظر ۾ عمران خان ڇو پنهنجي سياسي ساک کي داءُ تي لڳائي رهيو آهي، سا خبر خود خان صاحب کي ئي ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن  گهر ۾ رونق لاءِ اهو ميلو لڳائڻ ضروري هو ته منهنجي خيال ۾ گهڻو ٿي چڪو، اهڙا ڪيترائي ميلا هن ملڪ جي ماڻهن ڏسي ورتا آهن. سنجيدگيءَ جي تقاضا ته اها هجي ها ته هن وقت ملڪ ۾ ڪنهن وڌيڪ ايڊوينچر جي سهپ ڪانهي، ملڪي سطح تي هر شعبو زوال پذير آهي، مٿان عالمي سطح تي ساک ان حد تائين خراب ٿي چڪي آهي، جو پاڪستاني پاسپورٽ جي اهميت گهٽجڻ کانپوءِ هاڻي پوليو جي ڪري سفري پابندين کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ هتي حال اهو آهي جو پاڻ غداريءَ ۽ ڌانڌلين جي بحث کان ٻاهر نڪري ناهيون سگهيا!!
me-azar@yahoo.com

راءُ نه ڏين ويڻَ....... سهيل سانگي

راءُ نه ڏين ويڻَ.......
سهيل سانگي
نثارکهڙو، مهيش ملاڻي، سردار شاهه ۽ ڊاڪٽر کٽو مل سميت پيپلز پارٽي ۾ جيڪا به منهنجي سنگت هئي، تنهن کي ڪالهه آئون فون ڪندو رهيس ته کين ڏوراپو ڏيئي سگهان، ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري سگهان ته آخر ٿر جي ماڻهن ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي، جو انهن کي ائين چونڊيل ايوان ۾ بي عزتو ڪيو پيو وڃي؟ اهو ئي ڏوهه ته انهن اربابن کي ڇڏي ٿر جون سڀ سيٽون پيپلز پارٽي کي ڏنيون؟ اها ڪوشش ان لاءِ به هئي ته متان اها سنگت مون کي ئي ڪجهه سمجهائي سگهي. سواءِ سردار شاهه ۽ کٽو مل جي ٻئي ڪنهن به موٽ نه ڏني. لڳي ٿو ته اسيمبلي ۾ پهچڻ بعد اهي سڀ همراهه وڏا ماڻهو ٿي ويا آهن.آئون صحافي آهيان ۽ ساڻن ذاتي طرح به سٺي دعا سلام رهي آهي، مون سان به ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي ته عام ماڻهو ته کانئن اڃا ڪوهين ڏور بيٺل هوندو.
ڏوراپو ته وڏي وزير سائين قائم علي شاهه جي سومر ڏينهن تي ڪيل سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير هئي، جيڪا ٻولي، لهجو ۽ مواد ان تقرير ۾هو، تنهن سنڌ جي ساڃهه وندن کي چيڙائي وڌو آهي. سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تبصرا ۽ لهجو ان جي چِٽي شاهدي ڏي ٿو. چون ٿا ته پارٽي جي اعلى قيادت سوشل ميڊيا جو گهڻو استعمال به ڪندي آهي ۽ ان جو اثر به وٺندي آهي. خبر ناهي ته انهن تبصرن ۽ تنقيد جو قيادت ڪڏهن ۽ ڪهڙو نوٽيس ٿي وٺي؟ اها ڳالهه دير ۾ دير اڄوڪي ڏينهن تائين اظهار ٿيڻي آهي.
رڳو ٿر ۾ ئي نه، سڄي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عورتن جو ويم ڪيئن ٿو ٿئي، اها سڀني کي خبر آهي. جيڪڏهن ٿر توڙي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڃا تائين عورتن جي صحت، ٻارن جي ڄم لاءِ اڃا تائين پراڻا طريقا استعمال ٿي رهيا آهن ته ان ۾ انهن ٻهراڙين ۾رهندڙ عورتن توڙي ٻين ماڻهن جو ڏوهه ناهي. خود وڏي وزير کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي ته سندس پارٽي ڪيترا سال حڪومت ۾ رهي آهي، (اڃا تائين به آهي). ان ٿر سميت ٻين اهڙن ڏورانهن هنڌن تي ان لاءِ ڪهڙو جوڳو بندوبست ڪيو آهي؟ وڏي وزير جي اباڻي ضلعي خيرپور جو نارو ٿر يا ان جي ڪچي واري علائقي ۾ ان حوالي سان ڪهڙي صورتحال آهي، ان تي به سوچڻ گهرجي. ان تي به سوچڻ گهرجي ته ٿر ۾ ڪل 16 بنيادي صحت مرڪز آهن ۽ هر مرڪز جي مهيني ۾ دوائن جي بجيٽ 62 هزار روپيا آهي. هي اهو خرچ آهي، جيڪو وڏي وزير يا ڪنهن وزير جي ڪنهن به ڏورانهن علائقي جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ٿي ويندو آهي. انهيءَ سڄي خرچ مان وڏو وزير ٿر جي ماڻهن کي صلاح ٿو ڏي ته عورتن جو ويم اسپتالن ۾ ڪرايو، جتي ليڊي ڊاڪٽر ته پري جي ڳالهه نرس يا ليڊي هيلٿ وزيٽر به نه هوندي آهي. سندس  چوڻ آهي ته: ”ٻارڙا قدرتي موت مئا آهن. ٿر جا ماڻهو ’او ماءِ گاڊ‘  جي فلم جي هيرو پاريش راول وانگر ڪيس ته نه ٿا ڪري سگهن. وڏي وزير جو اهو موقف ائين درست ٿي سگهي ٿو ته ڏڪار ته الله وڌو آهي. سنڌ حڪومت جو برسات وسائڻ يا نه وسائڻ تي وس ڪونه ٿو هلي. اهو صحيح آهي ته ڏڪار، طوفان وغيره قدرتي آفتون آهن، پر انهن کي روڪڻ لاءِ توڙي آفتن اچڻ بعد ستايلن جي مدد ڪرڻ وقت جي حڪومت ۽ رياست جي ذميواري آهي. ان ذميواري کان حڪومت پنهنجو پاڻ کي اهڙي قسم جا غير ذميواراڻا بيان ڏئي آجو نه ٿي ڪري سگهي. حڪومت ڏيئي وٺي ڏڪاريلن جي اها مدد ڪئي آهي، ته في خاندان 50 ڪلو ڪڻڪ ۽ اٽڪل 36 هزار عورتن کي بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت في عورت کي 10 هزار رپيا (جنهن ۾ اڌ رقم وفاقي حڪومت جي ڏنل آهي) شامل آهي. ڪڻڪ جي ٻي قسط 15 اپريل تي ورهائڻي هئي، سا اڃا تائين نه ورهائي ويئي آهي. لڳي ٿو ته حڪومت ايتري معمولي امداد ۾ به ٿڪجي پئي آهي. بيان مان لڳي ٿو ته حڪومت اهو چوڻ ٿي چاهي ته”هاڻي جيڪڏهن ڪجهه گهرندا ته پوءِ ڪجهه ٻُڌندا.“ گڏيل قومن جي اداري به ٿر جي ڏڪاريلن لاءِ عالمي برادري کي اپيل ڪئي، پر صوبائي حڪومت جي ان رويي سبب ان جي به عالمي برادي وٽان ڪا مثبت موٽ نه ملي سگهي.
وڏي وزير ٿرين تي اها به تهمت هنئي آهي ته ”انهن منرل واٽر وڪڻي ڇڏيو ۽ چون ٿا ته کارو پاڻي پيئنداسين.“ اهي انگ اکر اچڻ اڃا باقي آهن ته حڪومت طرفان ٿيندڙ امداد ۾ڪو منرل واٽر به هو. جيڪڏهن اهو پاڻي وڪيو ويو آهي ته خود حڪمران پارٽي جي ماڻهن يا نوڪر شاهي وڪيو هوندو. ان جو الزام ٿرين تي ڇو مڙهيو ٿو وڃي. سنڌ جي واڳ ڌڻي امدادي سامان ۾ لڳل گهوٻيون، تعلقي ۽ ضلعي ڪائونسلن لاءِ هر مهيني ايندڙ ڪروڙين روپيا، جن مان ٽڪو به خرچ نه ڪيو ويو، اهي گهوٻيون بنهه نظر ڪونه آيون. ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسيمبلي ۾ ٿيندڙ هن تقرير تي ٻين ميمبرن ته ڇڏيو، پر ٿر جي ميمبرن ۽ مخالف ڌر به اوتري ئي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو. انهن ڪنهن به مرحلي تي نه ڪو نقطو اٿاريو ۽ نه ئي وري اعتراض واريو.
ٿر شديد ڏڪار جي لپيٽ ۾ آهي، اتي ايندڙ ٽي مهينا خوراڪ توڙي پاڻي جي حوالي سان وڌيڪ ڏکيا گذرندا. اهڙي موقعي تي انهن جي ڪا مدد ڪرڻ بدران توهين آميز رويو رکڻ ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. وڏي وزير مهينو کن اڳ ٿر جي حوالي سان چيو هو ته:”اسان جي خلاف سازش ٿي آهي“. هن خطاب مان ظاهر ٿي پوي ٿو ته پيپلز پارٽي پنهنجي پاڻ سان ڪري رهي آهي. اهڙن بيانن بعد ڪنهن کي سازش ڪرڻ جي تڪليف ڪرڻي پوندي، جو ان سان لکين ماڻهن جون دليون رنجايون ويون هجن، سنڌ جي پڙهيل لکيل حلقن ۾ سخت تاءُ پيدا ٿي ويو هجي، خود پارٽي جي حلقن اندر توڙي ان جي حامين وٽ به هن موقف جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه هجي.
هڪ پاسي ٿر ۾ ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل اپاءَ وٺڻ بابت تجويزون ۽ فريم ورڪ جوڙڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ويئي آهي، پر اهڙي رويي مان حڪومت جي سنجيدگي ظاهر نٿي ٿئي. اهڙي صورت ۾ خود اها ڪميٽي ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪم ڪري سگهندي؟ ڪميٽي تي کنيل ٽيڪنيڪل ماڻهن جي ڳالهه کي اهڙي صورت ۾ پارٽي توڙي نوڪر شاهي ڪيترو وزن ڏيندي؟ وڏي وزير جي تازي موقف، ماڳهين پيپلز پارٽي ٿر لاءِ جيڪي ڪيو هو، ان تي ڄڻ پاڻي ڦيري ڇڏيو. ٿر جو ماڻهو اهو ئي چوي ٿو ته: ”جيڪڏهن ڏئي نٿا سگهو ته ڏکويو ته نه.“ May 2014, Kawish

سنڌي صحافت کي جديد ۽ عوام دوست بنياد فراهم ڪندڙ شخصيت

سنڌي صحافت کي جديد ۽ عوام دوست بنياد فراهم ڪندڙ شخصيت
سهيل سانگي
جيڪي ادارا  اڄ ڪمال تي نظر اچن ٿا، انهن جي بنياد ۾ سخت محنت، جفا ڪشي ۽ اورچائي شامل هوندي آهي. اهڙي ئي اورچائي، سخت محنت ۽ جفا ڪشي هن وقت ميڊيا امپائر ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين گروپ جي اوسر جو به اهم حصو رهي آهي. هي ادارو ماڻهن جا مسئلا کڻندي اڳتي وڌيو ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو ويو. اهو ادارو ماڻهن لاءِ ڏاڍن خلاف ڏڍ بڻجي اڀريو. ان اداري جي بنياد ۾ سليم اڪبر قاضي جون محنتون شامل آهن، توڙي جو اهو هن دنيا ۾ هاڻي ناهي رهيو، پر ان اداري جي عروج ۽ ڪمال جو ذڪر سليم اڪبر قاضيءَ جي ذڪر کانسواءِ اڻپورو رهندو.
آئون اڄ کان 37-38 سال پوئتي جو ذڪر پيو ڪريان. جڏهن اهو ميڊيا گروپ ابتدائي شڪل به نه پر رٿابنديءَ واري مرحلي ۾ هو. پهرين واري اخباري اداري کان ڌار ٿيڻ بعد سياسي ۽ سماجي لاهن چاڙهن مان نڪرندي قاضي محمد اڪبر جي فيملي ميڊيا جو هڪ نئون وينچر ڪرڻ جو سوچيو. ان وينچر جي سربراهي سنڌ يونيورسٽي مان فزڪس ۾ ايم ايس سي پاس نوجوان سليم اڪبر قاضيءَ کي ڏني ويئي. سليم شاگرديءَ واري زماني ۾ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ليڊر هو. اها شاگرد تنظيم انڊر گرائونڊ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي ذيلي تنظيم هئي. سليم پاڻ به ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر رهيو.
فلسفي، سياست ۽ ادب جو گهرو مطالعو رکندڙ سليم ٿڌي طبيعت جو مالڪ هو. سندس ذهن تجزياتي وڌيڪ هوندو هو. هو ڪنهن به مسئلي جا ٿڏي تي چار، پنج پاسا ڳولي وٺندو هو. سندس اها خوبي اسان دوستن کي گهڻو ڪم ايندي هئي ۽ ڪيترائي مسئلا حل ڪرڻ يا فيصلي سازي ۾ مددگار ثابت ٿيندي هئي. ستر واري ڏهاڪي کان سنڌ اندر مارڪسي تحريڪ ۾ گهڻي ڀاڱي هيٺين يا وچولي طبقي جا نوجوان ايندا رهيا، پر ستر واري ڏهاڪي ۾ مارڪسي نظريو ۽ انهن جي حڪمت عملي ۽ طريقه ڪار مٿئين طبقي جي نوجوانن کي به پاڻ ڏانهن ڇڪيو. سليم اڪبر قاضي، عارف پاشا ۽ ٻيا ڪجهه دوست شامل ٿيا. انهن دوستن جي موجودگيءَ سان پارٽيءَ کي عوامي پليٽ فارم تي مقبوليت به ملي ته وري عام شاگردن ذريعي ماڻهن تائين پهچڻ ۾ به سهولت ٿي. سليم اڪبر قاضي ڪيترن ئي موقعن تي شاگرد تنظيم يا مزدور تنظيم جي فيصلي سازي ۾ به مدد ڪئي. هڪ اهڙو به مرحلو آيو، جڏهن شاگرد تنظيم کي هلائيندڙ پارٽي جي سيل اهو فيصلو ڪيو ته شاگرد تنظيم جي قيادت پارٽي جي هيٺين طبقي مان آيل ڪارڪنن جي بدران ٿورو خوشحال گهراڻن سان واسطو رکندڙ دوستن کي ڏني وڃي. ان تجويز مطابق سليم اڪبر قاضي کي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر ۽ نور الله ملڪ کي جنرل سيڪريٽري طور کنيو پئي ويو، پر ڪنوينشن کان هفتو کن اڳ اهو فيصلو پاسيرو رکڻو پيو، ڇاڪاڻ جو ان تي اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي.
سليم اڪبر قاضي سنڌي صحافت کي نئون رنگ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي. انگريزي هفتيوار اخبار سنڌ آبزرور کان پوءِ جڏهن ”سنڌ نيوز“ اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ان لاءِ سليم مون سان ٽي چار تفصيلي ميٽنگون ڪيون. سندس چوڻ هو ته اخبار ۾ رڳو مٿين سطح تي ئي نه، بلڪه هيٺين سطح يعني ضلعن ۽ تعلقن ۾ رپورٽرن جي لاءِ سمجهدار ماڻهو هجڻ گهرجن. سنڌ نيوز جي لاءِ اسان پنهنجي ايڊيٽر شيخ عزيز سان گڏ جڏهن سڄي سنڌ جو دورو ڪيو ته ڪوشش اها ئي رهي ته پارٽي يا شاگرد تنظيم سان واڳيل دوستن کي رپورٽر طور کنيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو سانگهڙ ۾ آفتاب نظاماڻي (مرحوم)، نواب شاهه ۾ صالح بلو، خيرپور ۾ منصور ميراڻي، جيڪب آباد ۾ امداد اوڍو ۽ ٻين دوستن کي کنيو ويو.
سليم جو ۽ اسان سڀني جو خواب اڌورو رهجي ويو، جڏهن 9 مئي 1976ع جي رات جو 9 وڳي ڌاري علي حسن ۽ عارف پاشا مون کي اچي گهر ٻڌايو ته ڪراچي ويندي حادثي ۾ سليم گذاري ويو آهي. اها ڏکوئيندڙ خبر اسان تي وڄ جيان ڪري. سمورا دوست ڄڻ ته سڪتي ۾ اچي ويا. اسان کان هڪ انتهائي سيبتو ساٿي وڇڙي ويو. اڄ به سليم سان اها آخري ملاقات مون کي ياد آهي ته 9 مئي جي شام جو 5-6 وڳي ڌاري سنڌ نيوز جي آفيس ۾ جرمني مان امپورٽ ڪيل نئين پرنٽنگ مشين لڳائي، اسان مٺائي کاڌي ۽ سندس ڪراچي مان واپس اچڻ بابت ڪجهه پروگرامن تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. سليم جي وفات کان پوءِ اسان سنڌ نيوز اخبار ته ڪڍي پر ان کي هلائڻ لاءِ جنهن جذبي ۽ نئين سوچ جي ضرورت هئي، اها ان کان وانجهيل رهي. نتيجي ۾ ٻن سالن اندر اخبار ويهي رهي. اڳتي هلي اسلم قاضي هڪ ٻه ٻيا به تجربا ڪيا، نيٺ سندس ڀائرن ايوب قاضي ۽ علي قاضي نئون وينچر شام جي اخبار ”خادم وطن“ جي نالي سان ڪيو. ان جي ڪاميابي بعد ڪاوش، ڪوشش، شام اخبارون آيون ۽ ائين اها ميڊيا امپائر ٺهي وئي. سنڌي صحافت کي جديد ۽ عوام دوست بنياد فراهم ڪندڙ، صحافت لاءِ عوام جي ڀرجهلي بڻجڻ واري ڪردار جي چونڊ ڪندڙ سليم اڪبر قاضي هميشه ياد رهندو.

موتمار ربيلا وائرس ۽ صحت کاتي جي غير سنجيدگي!!


حڪومت مخالف تحريڪ ۽ جمهوريت - ابراهيم ڪنڀر

حڪومت مخالف تحريڪ ۽ جمهوريت جي تڏا ويڙهه جو خوف - ابراهيم ڪنڀر
May 12, 2014 kawish

عمران خان جو ”اسلام آباد شو“ ۽ طاهر القادري جي شعلا بياني

May 12, 2014