”سائين ڇا پيا لکو؟“ مون، ڪمپيوٽر آڏو ويٺل سائين ڀليڏني شاھ جي ڪلهي تي هٿ رکي پڇيو:
”يار، ڦاروَن جي شربت ٺاهڻ جو هڪ نسخو هن ويب سائيٽ تي لکيل آهي سو اتاري رهيو آهيان. مان پاڻ به صندل جو شربت ٺاهي ويندو آهيان. اسان جي امان پڻ شربت ٺاهيندي هئي، ماڻهن کي چوندي هئي ته مون کي پسارڪو وکر آڻي ڏيو ته توهان کي شربت ٺاهي ڏيان. انهي جو ڪوبه اجورو نه وٺندي هئي. تعويذ لکندي هئي، جن جو ٿورو گھڻو معاوضو ماڻهو کيس ڏئي ويندا هئا. امان، شربت جو هڪ اهڙو قسم به ٺاهيندي هئي جنهن ۾ ويھ وکر وڌا ويندا آهن. شربت جا اهڙا ڏھ پندرهن شيشا ٺاهي رکي ڇڏيندي هئي ۽ ڳوٺ جي ماڻهن ۽ بابا جي دوستن احبابن جي گھر سوکڙي ڪري موڪليندي رهندي هئي. منهنجو بابا، ڳوٺ جو حاذق حڪيم هو پر طب سندس ذريعه معاش نه هو ڇاڪاڻ ته ڳوٺاڻي سماج ۾ ممڪن ناهي ته توهان هر انهي ماڻهو کان دوا جا پئسا وصول ڪريو جن سان توهان جو روزاني جو اٿڻ ويهڻ هجي. غريب سادات آهيون پر اڃان تائين، الله جو شڪر آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ غربت، باعث ندامت معاشرتي حيثيت نه سمجھي ويندي آهي.“
سائين ڀليڏنو، خيرپور ناٿن شاھ جي ڀر ۾ هڪ ڳوٺ، کاٽ جو رهاڪو، هڪ مانائتو استاد ۽ اڄوڪي هن ورڪشاپ ۾ اسان جو گروپ ليڊر آهي. هڪ آمريڪن فرم جي بندوبست سان منعقد ڪيل هي سيشن انهي پروجيڪٽ جو نقطه آغاز آهي جنهن تحت، سنڌ جي ستن اترادي ضلعن ۾ هڪ سئو ويھ، اسٽيٽ آف دي آرٽ اسڪول تعمير ڪرڻا آهن. اسٽيٽ آف دي آرٽ جو مطلب آهي اڄوڪي عهد ۾، اسڪولن جي فن تعمير، استادن، نصاب ۽ تدريس جي ميدان ۾ يورپ ۽ آمريڪا وٽ ترقي جي جيڪا بلند ترين سطح موجود آهي، اهي اسڪول انهي سطح جا هوندا. سندن دعويٰ موجب، انهن اسڪولن جو معيار، اسلام آباد، واشنگٽن، سڊني يا برلن جي برک اسڪولن جهڙو هوندو.
ورڪشاپ جو هنڌ، ڄامشوري ۾ واقع هي سرڪاري ادارو، سنڌي ٻولي ۾ تدريسي ڪتاب تشڪيل ڏيڻ لاءِ ذميوار آهي ۽ انهي سببان، سنڌ جي شعبه تعليم ۾ ڪليدي اهميت رکي ٿو. هي هڪ ڪشادي، ڪامپليڪس نما عاليشان آفيس آهي، پر جيئن سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ مروج ڪلچر بڻجي ويو آهي، ڪٿي به توهانکي ورڪ ان پروگريس ٿيندي نظر نه ايندو.
آفيس ۾ ڪمرن پٺيان ڪمرا ٺهيل آهن ۽ هر ڪمري ۾، زماني جا احوال ورجائيندڙ بي ڪما آفيسر، خالي ورانڊن ۾ هيسيل، ڪنڌ هيٺ ڪري هلندڙ پٽيوالا، ڪتابن سان ڀريل لائبريرين جا وڏا وڏا، فرنيچر سان چڱي ريت آراسته ٿيل ۽ ٻهاريل هال، جن ۾ هڪڙو به پڙهندڙ نه. ڪاٽن جي ڪانچ قميص پهريل سنڌي ڊائريڪٽر ۽ سندس معتمد خاص نائبين، انگريزي ۾ گفتگو ڪرڻ جو معيار ڏهين درجي جي سطح جو، آمريڪين سان ملڻ ۽ واسطو وڌائڻ لاءِ آتا. ٽپيڪل سنڌي ڪاموري جيان، مصنوعي نيازمندي جا پيڪر. کين چڱي ريت معلوم آهي ته ڪهڙي گريڊ کي اهڙي ريت جهڪي ملڻو آهي جو توهان جو ساڄو ڪَن وڃي اڳئين جي پيٽ/ڪُک سان لڳي، ۽ ڪنهن کي وري ٻن آڱرين جي چسي به ڍرائي سان، بي نيازي سان ڏيڻي آهي.
کين علم جي فضيلت ۽ بي بها تجربي جي بنياد تي هي حيثيت ملي ڪانهي سو هو ٻين جي علم جي ڇو پرواھ ڪن؟
عطاءُ الله مينگل چوندو هو ته بلوچن جي هٿ ملائڻ ۾ به هڪ پيغام ڏنل هوندو آهي. پر اها هام هو پنهنجي پهاڙي ماڻهن لاءِ هڻندو هو. اسان ته پاڪستان جي اهڙي مظلوم قوم آهيون جنهن کي گھر جي راشن کان وٺي مفت پگهار تائين، حڪومت پاڪستان جون سڀئي مرعاتون ”کپن“ جو اسان هن نظام جا باغي آهيون ۽ تنهنڪري پنهنجو سونپيل ڪم (ڊيوٽي) نه ڪندا آهيون، فقط مهاڏو اٽڪائيندا آهيون (ڄڻ ته ماڻهو نه، ڪي سانَهه هجون).
هن قسم جي ورڪشاپن ۾ شريڪ ٿيندڙ خواتين و حضرات، آمريڪي پروجيڪٽن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندي ٿيندي هاڻ سمجهي ويا آهن ته ڇا ڳالهائبو ۽ ڪيئن ڳالهائبو. اها ماجرا، هو الف کان ي تائين، سمجهي ويا آهن. تنهن ڪري اهڙين ورڪشاپن ۾ ڪا علمي گفتگو نه ٿيندي آهي. ڪجھ ته اهڙا هئا جيڪي بيشمار ورڪشاپن ۾ بهرو وٺندي وٺندي، اهي جيد ۽ جليل القدر شرڪت ڪار بڻجي ويا آهن جو جڏهن انهن پنهنجو تعارف ڪرائڻ شروع ڪيو ته ماڻهن کلڻ شروع ڪيو.
مون لاءِ هن تقريب جو سڀ کان دلفريب واقعو، سائين ڀليڏني سان ملاقات آهي.
سائين ڀليڏني پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ رضاڪار تنظيم قائم ڪئي آهي، جيڪا سندس يونين ڪائونسل ۾ غير رسمي تعليم فراهم ڪرڻ وارن غير سرڪاري ادارن ۾ اولين حيثيت رکي ٿي. سندس تنظيم هن وقت انهن ٻارن کي اسڪول آڻي سندن ٻيهر بحالي جي سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي آهي جيڪي سگريٽ ۽ نشي جي ٻين قسمن جا موالي بنجي ويا آهن. هن ڪار خير جو خاص هدف اهي ٻارڙا آهن جيڪي مال چارڻ دوران جھنگ ۾ ماکي لاهڻ جو ڪم به ڪندا آهن. ماکي لاهڻ لاءِ اهي ٻار ڳوٺ جي مانڊڙي تان سگريٽ خريد ڪندا آهن ته جيئن ماکي کي دونهون هڻي ڀڄائجي. ائين ماکي لاءِ سگريٽ وٺندي وٺندي هي ٻار سگريٽ جا موالي بڻجي ويندا آهن. اها ماکي وري صحافين، سماجي اڳواڻن ۽ مقامي سطح جي سياسي ڪارڪنن لاءِ، خير سگالي جي جذبي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪم اچي. انهن حلقن ۾، خيرپور ناٿن شاھ ۽ فريد آباد جي ماکي جي وڏي هاڪ ۽ طلب آهي.
گذريل نوڪري ڪرڻ دوران، ڀليڏني شاھ جي، اداري جي اڳواڻ سان چپقلش ٿي پئي جتان پوءِ استعيفيٰ ڏنائين. سندس خوشقسمتي جو انهي بعد ستت ئي کيس ماستري ملي وئي. اڄوڪي هن ڪالم ۾، سندس گذريل نوڪري دوران، پيشيوراڻي زندگي جي ڪجھ مکيه تجربن جو مختصر تذڪرو گوش گذار رکان ٿو. ساڻس هي گفتگو ماني جي وقفي دوران ٿي:
”سر، هي نوڪري مونکي لاهور جي هڪ اهڙي غير سرڪاري اداري ۾ ملي، جنهن کي اڪثر بيشتر ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو ڪم ملندو رهندو آهي. سوشل آرگنائزر ۽ فيلڊ عملي جا ڪجھ ٻيا ماڻهو انهي اداري کي گھربل هئا، مونکي شارٽ لسٽ ڪيائون. نما شام مهل مون کي فون آئي، چيائون ته صبح جو حيدرآباد ۾، قاسم آباد ڀرسان هڪ غير سرڪاري اداري جي دفتر ۾ تنهنجو انٽرويو آهي.“
”مان ٻئي ڏينهن سج اڀرڻ کان اڳ، پهرين گاڏي ۾ ڳوٺان نڪتس ته جيئن وقت تي اتي پهچان. جڏهن انهي اداري جي آفيس پهتس ته ڏسان ته آفيس کي تالو لڳو پيو آهي. در تي ٻيا به پنج ڇھ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بيٺا هئا. اهي به ٻهراڙي جي مختلف شهرن مان آيا هئا. مان انهي همراھ کي فون ڪئي جنهن انٽرويو لاءِ گھرايو هو. هو شخص چوڻ لڳو ته انٽرويو ڪرڻ لاءِ اسان جي ٽيم جا ميمبر ڪراچي کان اچي رهيا آهن سو اتي انتظار ڪريو. ڪو سوا ڪلاڪ بعد اهي پهتا. آفيس کوليائون ۽ اسان کان لکت ۾ امتحان ورتائون. جيڪي پاس ٿيا انهن کي ترسڻ جو چئي باقي ٻين کي روانو ڪيائون. ڪنهن کي به ڪو سفري خرچ نه ڏنائون نه وري ماني ٽڪي جو پڇيائون.“
”زباني امتحان جو مرحلو اڃان به وڌيڪ دلچسپ ۽ عجيب هو؛ انهي آفيس ۾ ڪي چار ڪمرا هئا جن ۾ ميز ڪرسيون به پيل هيون پر اسان کي وري اندر اهڙي ڪمري ۾ وٺي ويا جتي سمهڻ جو پلنگ رکيل هو. انهي پلنگ تي اداري جو مايه ناز ڪنسلٽنٽ صاحب، پير ڊگھيريو، ٽيڪ ڏيو، ڪاغذ قلم آڏو رکيو ويٺو هو. سندس ڀرسان ڪو اسسٽنٽ ويٺو هو. اسان کي قطار ۾ بيهاريائون ۽ هڪڙي هڪڙي کي سڏ ڪري، آڏو ويهاري سوال پڇڻ لڳا. اسان کان سوال پڇي وري هڪٻئي سان ويٺا ڳالهائين. ڳالهيون به اهي ته لنچ ۾ مينيو ڪهڙو هئڻ گھرجي، فيس بوڪ تي لائيڪس (Likes)، SMSموبائيل تي شارٽ ٽيڪسٽ مئسيج ٿيل لطيفو. مون کان پڇيائين ته فلاڻي هنڌان نوڪري تان استعيفيٰ ڇو ڏنئي. چيو مانس، سائين جيري ۾ پٿري هئي، آپريشن ڪرائڻو هو. موڪل لاءِ گھڻوئي چيم پر اسانجي اداري جي ايڇ آر آفيسر چيو ته موڪل نه ملندئي، ڀلي استعيفيٰ ڏئي وڃ. سو استعيفيٰ ڏئي آپريشن ڪرايم. جان بچايم پر نوڪري نه بچائي سگھيس.“
انٽرويو بعد مونکي انهي اداري ۾ نوڪري ملي وئي.
”ڪجھ ڏينهن کانپوءِ، اسان جو مئنيجر هڪ اهڙو همراھ ٿي آيو جيڪو پهرين ڪراچي جي سپر مارڪيٽ ’دا فورم‘ ۾ رلين، سنڌي ٽوپين ۽ ڀرت جي ٻئي سامان جو دڪان هلائيندو هو. انتهائي گاريال قسم جو هي نوجوان، ٺٽي جي هڪ نامور قومي انقلابي خاندان مان هو. انهي خاندان ۾ رواج آهي ته جيڪڏهن ڇوڪري شادي ڪندي آهي ته انهي خاندان جو انقلابي اڳواڻ، آئنده جي گھوٽ جو پهرين انٽرويو ڪندو آهي. سو هن ڀائي جي شادي به انٽرويو بعد ٿي. هي مُني ارب روپين جو پروجيڪٽ هو جنهن کي انهي همراھ ٽوپين جي دڪان وانگر هلايو.“
”ان کانسواءِ، شايد سندس سياسي تربيت اهڙي هئي، هي شخص ٻين کي تابع رکڻ جو عادي هو. سندس فرمان بعد، انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ سافٽ ويئر لڳايو ويو جنهن ذريعي انهن سمورين ويب سائيٽن جو ڊيٽا وٽس ويندو هو جيڪي اسان کوليندا هئاسين ته جيئن هو اهو ڏسي سگھي ته اسان ڪٿي ڪٿي نوڪري لاءِ درخواست ڏني، ڪهڙي هنڌ اسڪالرشپ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ويندي، اسان جي ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊرائيو جو ڊيٽا به هٿ ڪري پاڻ وٽ رکندو هو.“
”فيلڊ مان ڊيٽا گڏ ڪرڻ انهي اداري جو پسنديده ڪم هو، جو انهي لاءِ توهان کي سستي مان سستو عملو ملي ويندو. هن آفيس ۾ سمورو ڏينهن انواع و اقسام جا مرد ۽ عورتون ايندا رهندا هئا ۽ سندن مدعا عليھ هڪڙو ئي هوندو هو ته کانئن ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو ڪم ته ورتو ويو آهي پر انهي جو معاوضو کين ناهي مليو. منهنجي سامهون، اهي ماڻهو، ٽن مهينن تائين ايندا رهيا پر ڪير به سندن ٻڌڻ وارو ڪو نه هوندو هو.“
”ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ اسان کي ٽي هزار في ڏينهن في ماڻهو جي حساب سان ڏيڻا هئا، اسان ساڍا ٽي سئو روپيا ڏنا. لاهور واري اسانجي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مائي ته چيو پئي ته سنڌ ۾ بيروزگاري گھڻي آهي، ماڻهو اڃا به سستا ملي ويندا سو ساڍن ٽن سون کان به گھٽ ڏيو. ٻئي طرف، انهي ڊيٽا جي بنياد تي تشڪيل ڏنل اسان جي رپورٽ جي ملڪ گير پذيرائي ٿي. انهي رپورٽ جي آڌار تي اداري کي ايڏو ته وڏو پروجيڪٽ مليو جو ايندڙ ڪيئي ورهين تائين کين ٻي ڪنهن فنڊنگ جي ڪا ضرورت ڪانهي رهي.“
”ٽي سال اڳ، ٻوڏ کانپوءِ انهي اداري کي، يو اين هيبيٽاٽ پاران گھرن تعمير ڪرڻ جو وڏو ڪم مليو. انهي ڪم جو نگران، ڊڪِيلا نالي هڪ فلپائني هو. ڊڪيلا جڏهن به سنڌ ايندو هو ته اسان جي آفيس ضرور ايندو هو. يو اين هيبيٽاٽ اهڙا گھر ٺهرايا جن ۾ فقط چوديواري هئي اندر ڪجھ به ڪونه هو، سو سنڌ حڪومت اعتراض ڪيو ته ڳوٺن ۾ ڪي به گھر ٺاهي ڪونه ڏنا ويا آهن، انهي جو حساب ڏيو. پر پوءِ تفتيشي عمل دوران، سنڌ حڪومت جڏهن غير سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ڏٺي تڏهن سندن حڪومتي فهم ۽ فراست ۽ علم ۾ اضافو ٿيو ۽ کين معلوم ٿيو ته ڪم درحقيقت ڪبو ئي ائين آهي، سو سرڪاري آفيسرن پوءِ پنهنجا غير سرڪاري ادارا ٺاهڻ شروع ڪيا. سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪيترن ئي ڪامورن جا هاڻ پنهنجا ذاتي، غير سرڪاري ادارا آهن. ۽ جيڪي ڪامورا غير سرڪاري ادارا ٺاهي نٿا سگھن انهن وري عالمي ايڊ جي ادارن ۾ نوڪريون ورتيون آهن، نه صرف پاڻ لاءِ پر پنهنجن پٽن پوٽن، ڌيئن ۽ زالن لاءِ پڻ.“
”ڊڪيلا، ٿائي لينڊ مان درآمد ڪيل ساوا نانگ شوق سان کائيندو هو. اهي نانگ هو آغا سپر مارڪيٽ تان خريد ڪندو هو. چوندو هو ته اسلام آباد ۾ تازا نٿا ملن، تنهنڪري ڪراچي مان ساون نانگن جا ٽيِن وٺي ويندو هو.“
”هڪڙي ڏينهن آفيس ۾ اسانجي گڏجاڻي ٿي. اسانجو ڊائريڪٽر جهلم جو هڪ همراھ هو، رنگ جو گورو، مهانگو لباس پائيندڙ، هلڪي ڏاڙهي ۽ وار وڏا، وارن ۾ پويان ونگوڙو ورتل ۽ چوٽي ڪيل. سمورو ڏينهن چومسڪي ۽ پائلو فراري جي واکاڻ. هي پنجابي ڀاءُ هن وقت به سنڌ ۾ تعليم جي وڏن پروجيڪٽن جو نگران آهي. پورا ٽي ڏينهن اسان کي اهو ورد ڪرائيندو رهيو ته موجوده تعليم، انگريز سامراج جو ورثو ۽ سنڌي سماج لاءِ سخت هاڃيڪار آهي.“
”پوءِ هڪڙي ڳالھ ٿي، جنهن بعد منهنجي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو.“
”ميٽنگ دوران هي شخص چوڻ لڳو ته عالمي اداره صحت موجب سنڌ ۾ تعليم، صحت ۽ صفائي جي ڪمن جو اهڙو ته نتيجو نڪتو آهي جو سنڌي عورتون هاڻ ڪنٽراسيپٽو جو استعمال به سکي ويون آهن.” هن گڏجاڻي ۾ سواءِ انهي جهلم واري لبرل انقلابي ڊائريڪٽر جي، ٻيا اسان سڀ سنڌي ويٺا هئاسين. مون سڀني ڏانهن ڏٺو. سندن ڪنڌ هيٺ جهڪيل هئا. انهي ڪري نه ته هو انهي ريسرچ فائنڊنگ تي شرمنده هئا پر انهي ڪري ته هو اهڙي غليظ گار جو جواب نٿي ڏئي سگھيا. جواب ته مان به نٿي ڏئي سگھيس، سو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيم.“
ڪجھ عرصو بيروزگار رهڻ بعد، سائين ڀليڏني کي جونيئر اسڪول واري ماستري ملي وئي آهي. انهي سان گڏوگڏ هو کاٽ ۾ پنهنجي رضاڪار تنظيم ۽ پنهنجي مرحوم والد جو پسارڪو دڪان به هلائي. پر اهي سندس ذريعه آمدني ناهن.
liaquatalithaheem@gmail.com
No comments:
Post a Comment